تنوير انجم

تنوير انجم: تنوير انجم اردو زبان جو شاعر ۽ مترجم اديب آهي. هن 3 جنوري 1957ع تي ڪلفٽن، ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هي هڪ سٺو شاعر ۽ مترجم آهي. هن کي مڃتا طور صدارتي تمغه فضيلات به مليو هو. سندس ڪتابن ۾: ”ان ديکهي لهرين“ (انتخاب شاعر 1982ع)، ”سفر اور قيد ۾“ (نظمين 1992ع)، ”سروبرگ آرزو“ (غزلين 2001ع)، ”دس لاکهه پرندي“ (لبناني ناول جو ترجمو:1997ع)، ”جناح باني پاڪستان“ (جناح آف پاڪستان اسٽيل وابرٽ جي ڪتاب جو ترجمو: 2000ع) ڪتاب ڇپيل آهن .


لفظ تنوير انجمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو